اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز??ار??ي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ضلعي شانگلا ۾ ڪرڪيٽ گرائونڊ تي لينڊ سلائيڊنگ جي واقعي ۾ انساني جانين جي زيان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته شانگلا ۾ معصوم جانين جي زيان جي واقعي جي خبر دل کي جهنجهوڙي ڇڏيو آهي. مرتونگ جي المناڪ سانحي ۾ پنهنجي ٻارن کي وڃائيندڙ خاندانن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته لاڳاپيل عملدار ۽ ريسڪيو ??يم??ن ملبي ۾ ڦاٿل معصوم جانين کي بچائڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهيون آهن، اميد آهي ته لينڊ سلائيڊنگ جي ملبي مان نڪتل زخمي ٻارن جي بهتر علاج کي يقيني بڻايو ويندو. هن ??ار??ي ڪارڪنن کي هدايت ڪندي چيو ??ه پاڪستان پيپلز??ار??ي جا ڪارڪن ريسڪيو ??يم?? سان تعاون ڪن، متاثر خاندانن جو ڏک ونڊين.