اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??اڪ??تان فلپائن، ايران ۽ روانڊا سان واپار، معيشت، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ عوام سان عوام جي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳپان کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار فلپائن ۽ ايران جي نامزد سف??رن ۽ روانڊا جي نامزد غيرمقيم هاءِ ڪمشنر سان ايوان صدر ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جن کيس پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون ۽ انهن سان جدا جدا ملاقاتون ڪيون. صدر فلپائن جي نامزد سفير ??اريا سروينٽس سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته ??اڪ??تان فلپائن سان ت??او?? جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. هن ??اڪ??تان ۽ فلپائن جي وچ ۾ ٻطرفا واپاري ۽ معاشي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ت??او?? جون نيون راهون ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر سان ??اڪ??تان جي لاءِ نامزد ايراني سف??ر ڊاڪٽر رضا اميري مقدم پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قائم اداراجاتي نظام ۽ نجي شعبي جي ت??او?? سان اقتصادي رابطن کي فروغ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته ايران سان موجوده اداراجاتي نظام مضبوط بڻائڻ ۽ بارڊر مارڪيٽس فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر سان ??اڪ??تان ۾ روانڊا جي نامزد هاءِ ڪمشنر جيمز ڪيمونيو پڻ ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي روانڊا سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ٻطرفي واپار جي فروغ لاءِ ڪاروباري برادرين کي دورا ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته روانڊا جا واپاري مختلف مصنوعات جي درآمد لاءِ ??اڪ??تاني مارڪيٽ جو جائزو وٺن. صدر ??اڪ??تان جي لاءِ نامزد سف??رن کي مقرري تي مبارڪباد ??ني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته نامزد سفير ??طرفو ت??او?? وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.