اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ مراعاتي پئڪيج جو اعلان ڪيو آهي جيڪو انهن کي بهتر خدمتون ۽ مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ اسان جي حڪومت جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو، ان پئڪيج جو مقصد پاڪستان سان انهن جي شموليت کي وڌائڻ ۽ مختلف ادارن سان انهن جي رابطن کي آسان بڻائڻ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مراعاتي پئڪيج جون نمايان خصوصيتون هي آهن، سمورن صوبن ۾ چيف سيڪريٽريز ۽ اسلام آباد ۾ چيف ڪمشنر تحت ??وو??سز پاڪستانين جي ملڪيتن جي مسئلن جي حل لاءِ هاٽ لائينز قائم ڪيون وينديون. اسلام آباد ۽ پاڪستان جي سمورن صوبن ۾ ??وو??سيز پاڪستانين جي ملڪيت جي مئسلن کي تيز رفتار بنيادن تي حل ڪرڻ جي لاءِ مخصوص عدالتون قائم ڪيون وينديون. هن چيو ته سمورن پبلڪ سيڪٽر هائوسنگ اسڪيمن ۾ ??وو??سيز پاڪستانين جي لاءِ 10 سيڪڙو ڪوٽا رکي ويندي، جيڪڏهن ادائيگي غيرملڪي ڪرنسي ۽ بئنڪنگ چينل جي ذريعي ڪئي وڃي ٿي ته 5 سيڪڙو رعايت ملندي. وزيراعظم چيو ته پنجاب ??وو??سيز پاڪستانيز ڪميشن جي ڪامياب ماڊل کي ٻين سمورن صوبن ۾ پڻ نقل ڪيو ويندو، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي سڃاڻڻ ۽ انهن جي سهولت لاءِ ملڪ جي سمورن عالمي هوائي اڏن تي مخوص اميگريشن ڪائونٽر قائم ڪيا ويندا. هن چيو ته وڌيڪ مٽاسٽا جو ناڻو موڪليندڙ ??وو??سيز پاڪستانين جي لاءِ ايوارڊز جو اعلان ڪيو ويندو. ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز ۾ ذڪر جوڳي ??وو??سيز پاڪستانين جي لاءِ انهن جي خدمتن/ ڪاميابين جي اعتراف ۽ تعريف جي لاءِ هال آف فيم قائم ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته سينٽرل ڊائريڪٽوريٽ آف نيشنل سيونگز فار ??وو??سيز پاڪستانين پاران پرڪشش شرحن سان گڏ قومي بچت جون مخصوص ا??ڪيمون متعارف ڪرايون وينديون. ٻاهرئين ملڪ سفارتخانن/ پاڪستاني مشنز ۾ نادرا ۽ پاسپورٽ جي سهولت جي ڪائونٽرز جي انگ ۾ اضافو ڪيو ويندو. بليڪ لسٽ ٿيل پاسپورٽ مقرر وقت کانپوءِ پاڻ ئي ڊي لسٽ ٿي ويندا. پرڏيهي وزارت جي ذريعي دستاويزن جي آن لائين تصديق کي مضبوط بڻايو ويندو ۽ ان کي وڌيڪ موثر بڻايو ويندو. هن چيو ته پرڏيهي وزارت جي ڪئمپ آفيس پاڪستان انهن علائقن ۾ قائم ڪيون وينديون جتي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جو وڌيڪ انگ موجود آهي ته جيئن دستاويز وغيره جي تصديق ۾ آساني ٿئي. هن چيو ته پينشن، بئنڪ اڪائونٽس، مڪيت جي خريد ۽ وڪري جي لاءِ ??وو??سيز پاڪستانين جي آن لائين بائيو ميٽرڪ تصدق متعارف ڪرائي ويندي. ??وو??سيز پاڪستانين کي شادي/ طلاق، پيدائش ۽ موت جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جي لاءِ نادرا جو نظام يونين ڪائونسلن سان ڳنڍيل هوندو. وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندر پاڪستانين جي ٻارن جي لاءِ پبلڪ سيڪٽر جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا ۽ ٻارن کي ضرورت تي ٻڌل ۽ ميرٽ تي وظيفا پڻ ڏنا ويندا.