لاهور – 31 – آڪٽوبر (ا?? پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ انسٽيٽيوٽ فار آرٽ اينڊ ڪلچر جي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري پهرين ت??ري?? ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي انسٽيٽيوٽ فار آرٽ اينڊ ڪلچر جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وزيراعظم کي هٿ سا?? ٺهيل پورٽري?? بطور تحفو پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم ت??ري?? کي خطاب ۾ ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ هنرمند نوجوانن جي اهميت جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته مستقبل جي معمارن جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ پاڪستان حڪومت مڪمل تعاون ۽ سهولتون فراهم ڪندي رهندي. معاشري جي ترقي لاءِ فنون لطيفه ۽ ثقافتي ورثي جو فروغ انتهائي اهم آهي. معاشري ۾ امن، هم آهنگي ۽ رواداري وڌائڻ جي لاءِ فنون لطيفه ۽ ثقافتي ورثي جو فروغ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هن اداري جي شاگردن کي فارغ ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني.