راولپنڊي-06 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي تيراه ۾ انٽيليجنس ??يسڊ آپريشن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليفٽيننٽ جنرل ڪرنل محمد حسن حيدر سميت پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي خيبر ضلعي جي علائقي تيراه ۾ انٽيليجنس ??ي ٻَڌل آپريشن ڪيو. آپريشن دوران ليفٽيننٽ ڪنرل جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪ فوج جي جوانن دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي مؤثر انداز سان نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليفٽيننٽ ڪنرل محمد حسن حيدر عمر 43 سال رهائش اسلام آباد، ن??ئي?? خوشدل خان عمر 31 سال رهائش ضلع لڪي مروت، ن??ئي?? رفيق خان عمر 27 سال رهائش ڊسٽرڪٽ چارسده ۽ لانس ن??ئي?? عبدالقادر عمر 33 سال رهائش مري شهيد ٿي ويا. علائقي ۾ ڪنهن ??ه دهشتگرد جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس ??پريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگرديءَ جي لعنت کي ??تم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.