اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي معياري ۽ سستي معاون ٽيڪن??لا??ي ۽ مصنوعي عضون جي پاڪستان ۾ تياري جي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي بحالي ۽ انهن کي معاشري جو فعال ميمبر ب??ائڻ جي لاءِ پاليسي سطح سميت عملي قدم کڻڻا پوندا. صد?? اهڙن خيالن جو اظهار چل فائونڊيشن جي چيئرمين فيروز احمد جي قيادت ۾ وفد سان ??لا??ات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صد?? ۾ ساڻس ??لا??ات ڪئي. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صد?? چيو ته خصوصي ماڻهن کي معيشت ۽ معاشري جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ پاڪستان جي ترقي جي لاءِ لازمي آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته معاون ٽيڪن??لا??ي ۽ مصنوعي عضون جي ڪري خصوصي ماڻهن جي مخصوص ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي ٿو. وفد صد?? کي منفرد صلاحيتون رکندڙ ماڻهن جي ڀلائي لاءِ چل فائونڊيشن جي قدمن بابت بريفنگ ڏني. صد?? کي ٻڌايو ويو ته چل فائونڊيشن خصوصي ماڻهن کي مصنوعي عضون سميت معاون ٽيڪن??لا??ي فراهم ڪري رهي آهي، چل فائونڊيشن خصوصي ماڻهن کي بحالي، ٿيراپي ۽ علاج جون سهولتون پڻ فراهم ڪري ٿي. وفد صد?? کي فائونڊيشن جي مختلف منصوبن، خصوصي ماڻهن جي ضرورتن بابت پڻ ٻڌايو. ان موقعي تي صد?? خصوصي ماڻهن جي ڀلائي، بحالي ۽ سهولت جي لاءِ چل فائونڊيشن جي ڪردار کي ساراهيو.