ڪويت – 29 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ت?? پاڪستان ڪويت سان پنهنجي لاڳاپ?? کي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، توانائي، آءِ ٽي، معدنيات، سيرپڪاري سميت مضبوط اقتصادي رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ولي عهد شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ڪويت سان پاڪستان جي لاڳاپن جي اهميت جو ورجاءُ ڪندي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاو?? کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخي فورزم تي ويجهي ??عاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن صحت، سيڪيورٽي، انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي ڀرتي ت?? ڪويت جي قدم?? کي ساراهيو. ڪويت جي ولي عهد پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپ?? کي وڌيڪ مضبوط ۽ وسيع بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم ڪويت جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري ت?? آهي جنهن جو بنيادي مقصد ڇهن ڏهاڪن کان ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپ?? کي اقتصادي لاڳاپن ۾ بدلائڻ جي لاءِ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون پيون وڃن.