اسلام آباد – 04 – جن??ري (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪرمان دهشتگرد حملي تي ايران جي حڪومت ۽ عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ان وحشياڻي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ان جي عوام ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ايراني عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته پاڪستان انهن سوڳوار خاندا??ن سان همدرديءَ جو اظهار ڪري ٿو جن حملن ۾ پنهنج?? پيارن کي وڃايو. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي پڻ دعا ڪئي.