اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته موجوده حڪومت جي قدمن تحت يوريا ڀاڻ جي دستيابي ۽ قيمت جي حوالي سان صورتحال ۾ به??ري آئي آهي، في ٻوري قيمت گهٽ ٿي 4451 رپيا ٿي وئي آهي، اميد آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ يوريا ڀاڻ جي قيمتن ۾ وڌيڪ نمايان گهٽتائي ايندي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر ذيشان خانزاده جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته زراعت اسان جي جي ڊي پي جو اٽڪل چوٿون حصو آهي، زراعت اهو شعبو آهي جنهن ۾ اسان جي 40 سيڪڙو ليبر فورس ڪم ??ري ٿي، 2 لک 20 هزار ٽن يوريا تازو ئي درآمد ڪئي وئي. هن چيو ته ربيع سيزن جي حوالي سان يوريا ڀاڻ جي دستيابي جو ڪاٿو 35 لک ٽن هو، شروعاتي بيلنس 77 هزار ٽن هو، 32 لک 80 هزار ٽن مقامي پيداوار هئي، يوريا ڀاڻ جا ٻه ڪارخانا جنوري ??ان مارچ تائين بند رهيا جنهن جي ??ري مقامي پيداوار ۾ 2 لک 25 هزار ٽن گهٽتائي ٿي، فوجي فرٽيلائيزر بن قاسم جي پيداوار ۾ گئس جي کوٽ جي ??ري يوريا جي پيداوار ۾ هن سال هڪ لک 80 هزار ٽن گهٽتائي ٿي. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ مان ڀاڻ درآمد ڪرڻ جو فيصلو دير سان ٿيو جنهن جي ??ري قيمتن تي اثر پيو، هن وقت يوريا جي ڪافي مقدار دستياب آهي، ذخيره اندوزن ۽ ناجائز منافعي خورن مصنوعي کوٽ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن ۽ فرٽيلائيزر انڊسٽري سان گڏجي 12 ڊسمبر ??ان روزاني جي بنياد تي ڀاڻ جي دستيابي ۽ قيمت تي نظر رکي آهي، صوبن کي يوريا جي دستيابي وڌائي وئي آهي، صوبائي حڪومتون ذخيره اندوزن جي خلاف ڪارروائي ??ري رهيون آهن. هن چيو ته پنجاب حڪومت ان ڏس ۾ 950 ايف آءِ آرز ۽ 104 مل??ن رپين جا ڏنڊ هنيا آهن، سنڌ حڪومت به ان ڏس ۾ قدم کنيا ۽ 4 مل??ن رپين جا ڏنڊ هنيا، انهن سمور?? قدمن سان يوريا جي دستيابي ۽ قيمت جي حوالي سان صورتحال بهتر ٿيڻ شروع ٿي آهي. هن چيو ته يوريا جي قيمت جيڪا 5 هزار رپيا في ٻوري ??ان وڌي وئي هئي هاڻي اها 4451 رپيا في ٻوري ٿي وئي آهي، برآمدي يوريا جا ٻه جهاز 95 هزار ٽن يوريا کڻي اچي ويا آهن، نيشنل فرٽيلائيزر مارڪيٽنگ لميٽيڊ ان جي ڊسٽري بيوشن ??ري رهي آهي، اميد آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ يوريا جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي ايندي. هن چيو ته وزارت سوال نوٽ ڪيا آهن، انهن سمورن جو تفصيلي جواب وزارت ڏيندي.