اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي زندگي جي هر شعبي ۾ انجنيئرنگ جي مهارت جي اهميت تي زور ڏيندي قوم کي پائيدار ترقي ۽ خوشحالي طرف گامزن ڪرڻ جي لاءِ انجنيئرنگ برادري جي مسلسل حمايت ۽ انهن جي خدمتن جي اعتراف جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر ۾ منعقد ”پي اي سي انجنيئرز ايڪسي لينس ا??وا??ڊ 2022ع“ جي عنوان سان منعقد تقريب کي ??طاب ڪندي صدر چيو ته پاڪستاني انجنيئرز ماضي ۾ نار ملڪن جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مختلف شعبن ۾ وڌيڪ انجنيئرز جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان ساليانو رڳو 25 هزار انجنيئرز پيدا ڪري ٿو جيڪو ملڪ جي ضرورت جي لاءِ ڪافي نه آهي، انهن مان هڪ وڏو حصو گريجوئيشن کانپوءِ ٻاهرئين ملڪ هليو وڃي ٿو، ان جي ڀيٽ ۾ ڀارت هر سال 1.5 ملين کان وڌيڪ انجنيئرز پيدا ڪري ٿو. صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي چيو ته انساني وسيلا ملڪ جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج رهيو آهي جهڙوڪ صحت جهڙن ٻين شعبن ۾ ملڪ کي وڌيڪ انساني وسيلن جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ 9 لک نرسن جي ضرورت آهي جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ رڳو ڏيڍ لک ڪم ڪندڙ نرسون موجود آهن. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته هن وقت ملڪ ۾ اٽڪل 26 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن جيڪي مستقبل ۾ معاشري جي لاءِ هڪ وڏو بار بڻجي ويندا. هن چيو ته چئلينجز جي باوجود ملڪ جو انفارميشن ٽيڪنالاجي جو شعبو سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو آهي جيڪو ان حقيقت مان ظاهر آهي ته 22 لک کان وڌيڪ فري لانسرز پنهنجي روزي کانسواءِ ملڪ جي لاءِ پرڏيهي ناڻو ڪمائي رهيا آهن. هن چيو ته انجنيئرز جو انگ وڌائڻ ۽ اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي ??عليم ڏيڻ جي لاءِ حڪومت کي وڏن وسيلن جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٽيڪس جي نظام ۾ سڌارا آڻي وسيلن جو انتظام ڪري سگهجي ٿو، ڪيترائي ڏهاڪا گذري چڪا آهن ته ڪيترائي مالياتي ادارا بشمول عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف)، ورلڊ بئنڪ ۽ ٻا پاڪستان کي ??ولتمندن تي ٽيڪس لڳائڻ ??ي سفارش ڪري رهيا آهن، پاليسيون ٺاهڻ جي باوجود اسان ملڪ جي اشرافيه کي ??نهن جو واجب الادا ٽيڪس ادا ڪرڻ تي مجبور نه ڪري سگهياسين. صدر چيو ته رڳو لفظ معنيٰ نه ٿا رکن، اسان کي ??ملي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ملڪ جي جي ڊي پي ۾ ٽيڪس جو حصو تمام گهٽ يعني اٽڪل 9 سيڪڙو آهي جنهن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي چيو ته دنيا خوراڪ ۽ وسيلن جي فراواني طرف وڌي رهي آهي جڏهن ته اسان اڃا تائين وسيلن جي کوٽ جو شڪار آهيون، پائيدار ترقي جي هدفن کي ??اصل ڪرڻ جي لاءِ اسان کي هر شعبي ۾ چيمپيئنز جي ضرورت آهي. غزه ۾ فلسطينين تي ڪيل ظلمن جو ذڪر ڪندي صدر دنيا ۾ امن برقرار رکڻ جي لاءِ سمورن معاشرن ۾ اخلاقيات کي ??ختيار ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته جنگيون عالمي چئلينجن کي وڌيڪ پيچيده ڪري ڇڏينديون، انهن مُشڪلاتن جي ڪري امير امير تر جڏهن ته غريب غريب تر ٿيندا پيا وڃن. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي پاڪستان جي انجنيئرز کي ملڪي ترقي ۾ انهن جي خدمتن جي اعتراف ۾ مختلف ڪيٽيگريز ۾ ا??وا??ڊز سان نوازيو. پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي چيئرمين محمد نجيب هارون چيو ته ڪائونسل هر سال عمده ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ انجنيئرز کي ??نهن جي ڪوششن ۽ ملڪي ترقي ۾ حصيدارن جو اعتراف ڪرڻ جي لاءِ ا??وا??ڊ ڏي ٿي. هن چيو ته انجنيئرز دفاعي پيداوار، نيوڪليئر ٽيڪنالاجي، پاڻي ۽ بجلي، ريلوي، رستن، مواصلات، زراعت، ٽيلي ڪميونيڪشن، مينوفيڪچرنگ، ڪيميڪل ۽ پيٽرو ڪيمڪل انڊسٽري سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون. هن ٻڌايو ته پي اي سي تاريخي سنگ ميل پڻ حاصل ڪيا آهن ۽ سمورن لاڳاپيل عالمي پروفيشنل فورمز تي صحيحون ڪندڙ ۽ ميمبر طور پاڪستان جي نمائندگي ڪئي آهي. هن چيو ته پي اي سي هاڻي انهن پيش??وا??اڻي فورمز ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ سعودي عرب، نائجيريا، ڪينيا، ميانمار ۽ وچ ايشيائي جمهوريه جهڙن ملڪن جي لاءِ بطور سرپرست ۽ جائزو وٺڻ وارو پنهنجو پيش??وا??اڻو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.