اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) قومي خابرو اداري ”ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان“ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي چيو آهي ته ??ي پي پي جي يوٿ ميڊيا پروگرام جو مقصد ميڊيا گريجوئيٽس کي عملي ت??بي?? ڏئي انهن جي صلاحيتن کي نکارڻ آهي، اي پي پي نئين ميڊيا گريجوئيٽس کي عملي ت??بي?? فراهم ڪندڙ پهريون ادارو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اي پي پي هيڊڪوارٽرز ۾ يوٿ ميڊيا ٽريننگ پروگرام ۽ ٿري ڊي ورچوئل اسٽوڊيو جي باضابطا افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. اي پي پي جي ايم ڊي چيو ته هن وقت ميڊيا گريجوئيٽس کي عملي ت??بي?? فراهم ڪندڙ ڪو ادارو نه آهي، شاگردن وٽ ڪتابي علم هوندو آهي پر عملي تجربي ??ي کوٽ هوندي آهي جڏهن ته ??ڪثر ميڊيا ادارن ۾ ملازمت جي لاءِ تجربي جي ضرورت هوندي آهي. هن شاگردن کي بنيادي ٽيڪنيڪ فراهم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ??سان جا شاگرد باصلاحيت آهن، شاگردن جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي ته ??يئن اهي رپورٽنگ، نان لائنر ايڊيٽنگ (??ين ايل اي)، گرافڪ ڊيزائننگ، فوٽوگرافي سميت مختلف شعبن ۾ آل رائونڊر بڻجن ۽ اهي پنهنجي ت??بي?? جي تڪميل کانپوءِ پاڻڀرا ٿي سگهن. هن چيو ته ????بي??ي پروگرام شروع ڪرڻ جو مقصد ميڊيا جي شاگردن جي صلاحيتن کي نکارڻ آهي ته ??يئن اهي پنهنجي خاندان جي ڪفالت ڪري سگهن. هن چيو ته ????بي??ي پروگرام ميڊيا جي اهم رخن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جو هڪ بي مثال موقعو فراهم ڪندو جنهن سان ميڊيا انڊسٽري جي ليڊرز جي اڳئين نسل جي جوڙجڪ ٿين??ي. ??ن کان اڳ وڊيو نيوز سروس (وي ??ين ايس) جي ايديشنل ڊائريڪٽر ۽ يوٿ ميڊيا ٽريننگ پروگرام جي انچارج ياور عباس چيو ته مئنيجنگ ڊائريڪٽر وي ??ين ايس جي عملي کي ميڊيا گريجوئيٽ شاگردن کي مفت ت??بي?? فراهم ڪرڻ جي ذميواري سونپي آهي، ٽريننگ جي لاءِ ڪل 500 شاگردن درخواستون ڏنيون ۽ انهن مان 30 شاگردن کي چونڊيو ويو. ورچوئل اسٽوڊيو بابت ياور عباس ٻڌايو ته ??هڙي طرح جا ٽي اسٽوڊيو سيٽ اڳ ۾ ئي قائم ڪيا ويا آهن ۽ 10 وڌيڪ ٿري ڊي ورچوئل اسٽوڊيو سيٽس قائم ڪرڻ جو منصوبو آهي. هن ٻڌايو ته يوٿ ميڊيا ٽريننگ پروگرام جو منصوبو نوجوانن کي هنر ۽ علم سان بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ٺاهيو ويو آهي جيڪو ميڊيا جي متحرڪ دنيا ۾ ڪاميابي جي لاءِ ضروري آهي ۽ ميڊيا جي بهترين ڪارڪردگي جي مستقبل کي جوڙي رهيو آهي.
هن ٻڌايو ته يوٿ ميڊيا ٽريننگ پروگرام صحافت ۽ ميڊيا جي شاگردن جي لاءِ تيار ڪيل هڪ اهم قدم آهي، ان ت??بي??ي پروگرام سان شاگرد پنهنجي ميڊيا ڪيريئر کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي موقعي مان فائدو کڻي سگهن ٿا. ٽريننگ ۾ ٽي وي نيوز جي رپورٽنگ، ايڊيٽنگ ۽ پروڊڪشن، وڊيو نيوز اسٽوريز ۽ پئڪيجز ٺاهڻ، دستاويزي فلمن جي شوٽنگ، خبرن ۽ ٽاڪ شوز جي بليٽن ميڪنگ/ پروڊڪشن جو عمل، ڪئميره آپريٽنگ، لائيو ڪوريج، وڊيو ڪئميره سسٽم، نان لائنر بابت ت??بي?? فراهم ڪئي وين??ي. ??يڊيٽنگ، وڊيو گرافڪس پئڪيجنگ، آڊيو ايڊيٽنگ ۽ سائونڊ ڊيزائننگ، ٽي وي انٽرويو جي مهارت، اسٽوڊيو ورڪ، نيوز ڪاسٽنگ، اينڪر پرسن ۽ سوشل/ ڊيجيٽل ميڊيا ت??بي??ي ماڊيول جي منصوبابندي ڪئي وئي آهي ۽ هاڻي ان کي اي پي پي جي وڊيو نيوز سروس پنهنجي پيشيور ٽيم جي ميمبرن ۽ جديد ترين اوزارن سان هلائين??ي. ??ن موقعي تي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي شاگردن ۽ اسٽاف سان گڏ ڪيڪ پڻ ڪاٽيو.