اسلام آباد-29 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي عهدن لاءِ مختلف پارٽين سان تعلق رکندڙ ا??يد??ارن پنهنجا نامزدگي ڪاغذ قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري وٽ جمع ڪرائي ڇڏيا. قومي اسيمبلي جي اجلاس جي شروعات تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ميمبرن کان حل?? وٺڻ کانپوءِ اعلان ڪيو ته سڀ کان پهرين قومي اسيمبلي جي رول آف ميبمرز تي اهي ا??يد??ار صحيح ڪندا جن کي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻا آهن، مسلم ليگ (ن) جي سردار اياز صادق اسپيڪر، پاڪستان پيپلزپارٽي جي سيد غلام مصطفيٰ شاهه ڊپٽي اسپيڪر، سني اتحاد ڪائون??ل جو ملڪ عامر ڊوگر اسپيڪر ۽ جنيد اڪبر ڊپٽي اسپيڪر جي عهدي لاءِ پنهنجا نامزدگي ڪاغذ قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري وٽ ايوان ۾ ئي جمع ڪرايا. نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو وقت ختم ٿيڻ ۽ جاچ پڙتال کانپوءِ اسيمبلي سيڪريٽريٽ ا??يد??ارن جي حتمي فهرست جاري ڪندي. نئين اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ اڄ جمعي تي ٿيندي.