اسلام آباد– 27 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته بشام ۾ پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعو پاڪ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش آهي، وزيراعظم واقعي جي مڪمل جا?? جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، دهشتگردي جي خاتمي تائين سک سان نه ويهنداسين، پنهنجو ۽ پنهنجي دوستن جو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وفاق جون سموريون ڌريون هڪ پيج تي آهن، ڪنهن کي پاڪستا?? جي خلاف پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، پاڪ چين دوستي انشاءَ الله قائم رهندي. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گذريل ڏينهن بشام ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو جنه?? جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، اهو واقعو پاڪستان ۽ چي?? جي دوستي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش هئي. هن چيو ته چين پاڪستان جو آزمايل دوست آهي، هر مشڪل وقت ۽ عالمي فورمز تي چين سدائين پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو. هن چيو ته سي پيڪ ملڪ ۾ معاشي ترقي جو ضامن آهي، سي پيڪ جي ڪري اسا?? جي جي ڊي پي ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو، ان سان ملڪ ۾ روزگار جا لکين نوان موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته ڪالهه جي واقعي کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف سموريون مصروفيتون ختم ڪري چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ چيني سفير سان قيمتي جاني?? جي زيان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن يچو ته وزيراعظم چي?? جي سفير کي دهشتگردي جي واقعي جي مڪمل جا?? جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته پاڪستان حڪومت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏيندي. وفاقي وزير چيو ته اسان چيني ڀائرن سان همدرديءَ جو اظهار ڪريون ٿا، اهڙا واقعا پاڪ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش آهي. پاڪ چين دوستي انشاءَ الله قائم رهندي. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته وزيراعظم جي صدارت ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن، چيف آف آرمي اسٽاف، چئني صوب?? جي وڏن وزيرن، چيف سيڪريٽريز، آءِ جيز، گلگت بلتستا?? جي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پڻ شرڪت ڪئي. هن چيو ته اجلاس ۾ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ۽ قوم کي پيغام ڏنو ويو ته پاڪستا?? جي سالميت ۽ مفاد تي وفاق جون سموريون ڌريون هڪ پيج تي آهن، اسان پنهنجو ۽ پنهنجي پراڻي دوستن جو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا. ان حوالي سان اجلاس ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪردار کي پڻ ساراهيو ويو جنهن گوادر، تربت واقعن ۾ وڏي جرئمندي سان قيمتي جاني?? جي زيان کي بچايو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اجلاس ۾ ان ڳالهه تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي ته اهڙن واقع?? جي روڪٿام لاءِ جيڪا حڪمت عملي ٺاهي ويندي ا?? جي لاءِ پاڻ ۾ ڪوآرڊينيشن جو ٺوس مڪينزم ٺاهيو ويندو. هن چيو ته اجلاس ۾ چيني شهري?? جي مارجڻ جي واقعي جي جا?? جي حوالي سا?? جي آءِ ٽي قائم ڪرڻ تي پڻ مشاورت ٿي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن جا حوصلا بلند هئا ۽ سڀ هڪ پيج تي هئا. عطاءُ الله تارڙ چيو ته 2013ع ۾ جڏهن اسان اقتدار ۾ آيا هئاسين ته روزانو دهشتگردي جا واقعا ٿي رهيا هئا پر 2018ع ۾ اسان هڪ پرامن پاڪستان ڇڏي وياسين. هن چيو ته اسان جو واضح پيغام آهي ته دهشتگردي جي خاتمي تائين سک سان نه ويهنداسين، دهشتگردي جي ناسور کي پاڙ کان پٽي اڇلائينداسين. هن چيو ته چيني قوم ۽ قيادت جي لاءِ اسان جا جذبا آهن، هي اها قوم آهي جنهن پاڪستان جو هر محاذ تي ساٿ ڏنو، اسان انه?? جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون ۽ انهن واقع?? جي روڪٿام جي خاطري ڪرايون ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪنهن کي پاڪستا?? جي خلاف پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته اسان پنهنجي سمورن پاڙيسرين سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا، اسان ڳالهه ٻولهه ذريعي معامل?? جي حل تي يقين رکون ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چيني شهري?? جي سيڪيورٽي جي حوالي سان ايس او پيز موجود آهن. هن چيو ته چيني شهرين جون ٻه ڪيٽيگريز آهن هڪ سي پيڪ ٻي ٻين منصوبن تي ڪم ڪن ٿا، ٻنهي کي سيڪيورٽي جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ عطاءُ الله تارڙ چيو ته باني پي ٽي آءِ، عثمان بزدار ۽ محمود خان کي نيشنل ايڪشن پلا?? جي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس گهرائڻ کان ڪنهن روڪيو هو؟ عمران خا?? جي حڪومت ان تي ڌيان ڇو نه ڏنو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي چي?? جي لاءِ جذبن کان پوري قوم واقف آهي، چين سان اسان جا لاڳاپا اڄ جا نه آهن، پر ڏهاڪا پراڻا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان دهشتگردي جي ناسور جو خاتمو ڪنداسين، اڄ جي اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور پڻ وڊيو لنڪ ذريعي موجود هو، هن به سموري موقف جي تائيد ڪئي ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي حوالي سان سٺن جذبن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ان معاملي تي پوري قوم هڪ پيج تي آهي، دهشتگردي جو خاتمو ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سيڪيورٽي جوانن ملڪ جي لاءِ پنهنجي جانين جون قربانيون ڏنيون، انهن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم شهباز شريف گوادر جي لاءِ سيف سٽي پراجيڪٽ جو اعلان ڪيو هو، هن بلوچستا?? جي وڏي وزير کي چيو آهي ته هو ان تي ڪم شروع ڪري. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس پهرين اپريل تي شروع ٿي رهيو آهي، ان ۾ چيني شهري?? جي افسوسناڪ واقعي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. مخالف ڌر کي به چونداسين ته اها ان معاملي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.