اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايسوسيئيشن آف اليڪٽرانڪ ميڊيا ايڊيٽرز اينڊ نيوز ڊائريڪٽرز (اي او اي ايم اي اين ڊي) جي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته نوان چونڊيل عهديدار اظهار راءِ جي آزادي جي فروغ، جمهوريت جي استحڪام ۽ سماجي مسئلن کي اجاگ?? ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپو?? ڪردار اد?? ڪندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم نئين چونڊيل صدر اظهر عباس، سينيئر نائب صدر اياز خان، نائب صدر محمد عثمان، سيڪريٽري جنرل طارق محمود ۽ ٻين عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ايڊيٽرز ۽ نيوز ڊائريڪٽرز جو رياست ۾ مثبت صحافت جي فروغ جي لاءِ ڪردار انتهائي اهم آهي. وزيراعظم چيو ته اميد آهي ته نوان چونڊيل عهديدار اظهار راءِ جي آزادي جي فروغ، جمهوريت جي استحڪام ۽ سماجي مسئلن کي اجاگ?? ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپو?? ڪردار اد?? ڪندا، ميديا رياس?? جو چوٿون ٿنڀ آهي، حڪومت (اي او اي ايم اي اين ڊي) جي ميڊيا جي ترقي ۽ ان کي جديد رخن تي هلڻ لاءِ قدمن ۾ هر قسم جو تعاون فراهم ڪندي.