ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) آءِ ??ي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري مملڪتي و??ير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته پاڪستان سيڙپڪاري جي حوالي سان بهترين ملڪ آهي، اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آ??ِ ايف سي) تحت سيڙپڪاري جي لاءِ ??دم کنيا پيا وڃن. آءِ ??ي واري مملڪتي و??ير پاڪستان ۽ يو اي اي جي آءِ ??ي ڪمپنين جي وچ ۾ حصيداري تي رائونڊ ٽيبل سيشن کي خطاب ڪري رهي هئي. وزيراعظم شهباز شريف رائونڊ ٽيبل سيشن جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي يو اي اي ۽ پاڪستاني ٽيڪ ڪمپنين جا سربراهه پڻ موجود هئا. شزه فاطمه چيو ته مختلف ادارن جي ڊيجيٽائيزيشن ڪري رهيا آهيون، وزيراعظم جي هدايت تي معيشت، گورننس ۽ سوسائٽي کي ڊيجيٽلائيز ڪري رهيا آهيون، آءِ ??ي سيڪٽر موجوده حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، آءِ ??ي جي شعبي ۾ نجي شعبي جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته واڌويج??ه جي شرح ۾ اضافو ۽ ترقي حصيداري کانسواءِ ??مڪن نه آهي، حڪومت سنڀاليندي ئي وزيراعظم آءِ ??ي شعبي کي پنهنجي ترجيح قرار ڏنو. ان موقعي تي پاڪستاني ۽ اماراتي آءِ ??ي ڪمپينن جي وچ ۾ ٽن معاهدن تي صحيحون پڻ ڪيون ويون.