اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چين جي دوري جي موقعي تي بورڊ آف ان??يس??مينٽ ۽ ڪيترن ئي چيني ادارن جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب جي اڳواڻي ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ان موقعي تي وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي، پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي، چين ۾ پاڪستان جو سفير خليل هاشمي، بورڊ آف ان??يس??مينٽ جو سيڪريٽري رحيم حيات قريشي ۽ ايڊيشنل بي او آءِ ڊاڪٽر ارفع اقبال پڻ موجود هئا. ايم او يوز پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ زراع??، ليبر انٽينسيو مينوفيڪچرنگ انڊسٽري، ڊيجيٽل معيست، گرين معيشت ۽ لاجسٽڪ ماحولياتي نظام ۾ تعاون تي ڌيان ڇڪرائين ٿا. نائب وزيراعظم ان موقعي تي چين جي عالمي اقتصادي پاليسين جي اهميت، چيني ڪاروباري ادارن جي عالمي ما??ڪي?? ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي صلاحيت جو ذڪر ڪيو. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار پاڪستان جي مقامي ما??ڪي?? جي هڪ جهڙائي جي صلاحيت تي پڻ زور ڏنو.