اسلام آب??د – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار نجڪاري ڪميشن سان او جي ڊي سي ايل جي شيئرز جي منتقلي بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير، ايس اي سي پي جي چيئرمين ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪميٽي او جي ڊي سي ايل جي شيئرز جي سوورين ويلٿ فنڊ ۾ منتقلي ۽ فند جي جلد آپريشنلائيزيشن جي قدمن تي خيالن جي ڏي ??ٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ??اڪستان سوورين ويلٿ فنڊ ايڪٽ 2023ع تحت تجويز ڪيل ايڊوائيزري ڪميٽي ايڪٽ تحت م??صد حاصل ڪرڻ جي لاءِ فنانس، معاشيات يا ٻين لاڳاپيل شعبن جي اهم ماهرن تي ٻڌل هوندي.