اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان ملڪ ۾ ڪپهه جي بحالي ۽ ان شعبي ۾ ملڪي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي حوالي سان سمورين لاڳاپيل ڌرين جي وچ ۾ موجود اتفاق راءِ تي اطمينان جو اظهار ڪن??ي چيو آهي ته ڪپهه جي بحالي سان آبادگار ۽ ٽيڪسٽائيل جي شعبي کي فائدو ٿيندو جنهن جي نتيجي ۾ ملڪي معيشت ۾ بهتري ايندي، وز??راعظم چيو ته هڪ زرعي ملڪ هجڻ جي ناتي زرعي شعبي ۾ ريسرچ جو فروغ وقت جي اهم ضرورت آهي، وز??راعظم چيو ته حڪومت پاران نيشنل ايگريڪلچر ايمرجنسي پروگرام جو مقصد زرعي شعبي کي درپيش مسئلن کي ختم ڪن??ي جد??د ٽيڪنالاجي جي فروغ ۽ پيداوار ۾ اضافي کي يقيني بڻائڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ ڪپهه جي بحالي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪن??ي ڪيو.