اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ٽيليفون تي ڳا??هه ٻولهه ڪ??ي ۽ عيدالاضحيٰ جي مبارڪ موقعي تي کيس مبارڪباد ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پڻ ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ترڪ صدر سان ڳا??هه ٻولهه دوران ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هن سال عيدالاضحيٰ مشڪل حالتن ۾ ملهائي پئي وڃي ۽ دنيا کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪوويڊ 19 عالمي معيشت کي بري ??رح متاثر ڪيو آهي. هن پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن کي ڪوويڊ 19 جي خلاف جنگ ۾ معاونت فراهم ڪرڻ تي ترڪيءَ جي اڳواڻ جي ڪردار کي ساراهيو. ڳا??هه ٻولهه ۾ ٻنهي اڳواڻن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ ۾ ڪورونا جي ڪيسز جي انگ ۾ گهٽتائي خوش آئنده آهي. صدر عارف علوي غيرقانوني طور تي ڀارت جي عتاب هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين جي خراب حالت تي روشني وڌي ۽ چيو ته ڀارتي مسلمان خوف ۽ امتيازي سلوڪ جي ماحول ۾ زندگي گذار?? رهيا آهن.