اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي مرحوم عبدالستار ايڌي جي گهرواريءَ بلقيس ايڌي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪي?? آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ ميڊيا ??ائريڪٽوريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي. سينيٽ چيئرم??ن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ مرحومه جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اطهار ڪريان ٿو، مرحومه بلقيس ايڌي جي سماجي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. ٻئي طرف سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي پڻ بلقيس بانو ايڌي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪي?? آهي.