نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڱاري ڏينهن نيويارڪ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي 5 ڏينهن ج?? سرڪاري دوري تي وفد سان گڏ نيويارڪ پهچي ويو آهي. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ۽ خاص معاون طارق فاطمي وزيراعظم سان گڏ وفد ۾ شامل آهن. وزيراعظم گڏيل قومن ج?? سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاران ميمبر ملڪن ج?? سربراهن ج?? لاءِ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو جتي وزيراعظم جي مختلف ملڪن ج?? سربرا??ن سان غيررسمي مل??قات ٿيندي. وزيراعظم گڏيل قومن ج?? جنرل اسيمبلي جي اجلاس 2024ع جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم جي مالديپ ج?? صدر محمد معيزو سان مل??قات ٿيندي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ ٻطرفي تعاون ج?? فروغ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي.