بي اعتمادي رٿ تي اسپيڪر جي رولنگ جي حوالي سان فيصلي ۾ شهادتون ۽ دستاويزن کي ڏسڻ جي ضرورت آهي: چوڌري فواد حسين

image
APP37-070422 ISLAMABAD: April 07 – PTI leader Chaudhry Fawad Hussain talking to media persons outside Supreme Court. APP photo by Saleem Rana

اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري فواد حسين چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ تي اسپيڪر جي رولنگ جي حوالي سان فيصلي ۾ شهادتون ۽ دستاويزن کي ڏسڻ جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام جو واحد حل چونڊون آهن، اها ڳالهه هن سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي، چوڌري فواد حسين ته اٽارني جنرل عدالت ۾ چيو ته ان ڪئميرا ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي جنهن ۾ هو سڀئي ثبوتن ۽ دستاويز ججن جي سامهون رکيا ويندا جنهن جي بنياد تي اسپيڪر ان نتيجي تي پهتو ته پاڪستان ۾ حڪومت بدلائڻ جي عالمي سازش ٿي رهي هئي، هن چيو ته جج جيڪو به فيصلو ڏيندا ان موجب اڳتي وڌنداسين. هن چيو ته ملڪ ۾ سياسي بحران جي ڪري معاشي بحران پيدا ٿي ويو آهي، ڊالر به پنهنجي حد ڪراس ڪري چڪو آهي، جيڪڏهن عدم اعتماد طرف وڃون ٿا ته ملڪ ۾ معاشي مسئلا وڌيڪ شدت اختيار ڪندا، هن چيو ته پاڪستان ۾ معاشي استحڪام لاءِ ضروري آهي ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام هجي، سياسي استحڪام لاءِ ضروري آهي ته چونڊون طرف وڃون، سياسي عدم استحڪام جو واحد حل چونڊون آهن

مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا