وفاقي حڪومت سنڌ سان گڏجي ڪراچي جا 3 وڏا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم

image

اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پوري قوم ڪراچي جي عوام جو درد محسوس ڪري رهي آهي، ڪراچي جا وڏا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت سنڌ سان گڏجي قدم کڻي رهي آهي. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پوري قوم ان درد کي محسوس ڪري رهي آهي جنهن ۾ ڪراچي جي عوام مبتلا آهي، هن چيو ته ان تباهي آڻيندڙ صورتحال ۽ سمورين مشڪلاتن جي هنگامي حل جي باري ۾ مثبت اڳڀرائي اها ٿي آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت سان گڏجي فوري طور تي ڪراچي جي ٽن وڏن مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻي رهي آهي.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری