اي سي سي پي آءِ اي انويسٽمينٽ لميٽيڊ لاءِ 142 ملين ڊالر جي منظوري ڏئي ڇڏي

image
APP23-02 ISLAMABAD: September 02 – Adviser to the Prime Minister on Finance and Revenue Dr. Abdul Hafeez Shaikh chairing a meeting of the Economic Coordination Committee (ECC) of the Cabinet. APP

اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) نيويارڪ ۾ روز ويلٽ هوٽل جي مالياتي مسئلن تي ضابطو آڻڻ لاءِ اي سي سي جي جوڙيل ڪميٽي جي سفارش تي پي آءِ اي انويسٽمينٽ لميٽيڊ لاءِ 142 ملين ڊالر جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس هتي ڪابينا ڊويزن ۾ وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ نيويارڪ ۾ روز ويلٽ هوٽل جي مالياتي مسئلن تي ضابطو آڻڻ لاءِ اي سي سي جي جوڙيل ڪميٽي جي سفارشن تي پي آءِ اي انويسٽمينٽ لميٽيڊ لاءِ 142 ملين ڊالر جي منظوري ڏني وئي آهي، اها ڪميٽي منصوبابندي ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين جي هدايت تي جوڙي وئي آهي ۽ ان ۾ ناڻي وارو سيڪريٽري، هوابازي وارو سيڪريٽري، قانون ۽ انصاف ڊويزن وارو سيڪريٽري شامل آهن.

مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável