صدر سان فورٽسڪيو گروپ جي چيئرمين جي سربراهي ۾ آسٽريلين وفد جي ملاقات

image
APP70-07 ISLAMABAD: September 07 - An Australian delegation led by Andrew Forrest, Chairman of the Fortescue Metals Group called on President Dr. Arif Alvi at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان فورٽسڪيو گروپ جي چيئرمين اينڊريو فورسٽ جي سربراهي ۾ آسٽريلين وفد ملاقات ڪئي. ايوان صدر ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان هڪ لبرل ۽ سيڙپڪار دوست پاليسي اختيار ڪئي آهي تنهن ڪري غير ملڪي سيڙپڪارن کي لبرل سيڙپڪاري جي ماحول مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان جي سيڙپڪاري پاليسي غير ملڪي سيڙپڪارن جي لاءِ سازگار ڪاروباري ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ هڪ جامع فريم ورڪ فراهم ڪندي آهي.

مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔