اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي مديني جي رياست جي طرز تي اس??امي فلاحي رياست بڻائڻ جي ل??ءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، بدعنواني ملڪ جي ل??ءِ سڀ کان وڏو ڪينسر آهي، قانو?? جي بالادستي کانسواءِ ڪو معاشرو ترقي نه ٿو ڪري سگهي، ملڪ جا اربين رپيا چوري ڪندڙ اين آر او چاهين ٿا، ڪيترن ئي غريب ۽ اسرندڙ ملڪ?? جي پسماندگي جو سبب انه?? جي قيادت جو بدعنوان هجڻ آهي، اولهه ملڪ اس??امي فلاحي نظام جو اصول اختيار ڪري اڳتي نڪري ويا آهن، اظهار جي آزادي جو اهو مطلب نه آهي ته مذهبي نفرت کي هوا ڏني وڃي، اولهه ک?? باور ڪرائڻو پوندو ته انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جو اس??ام سان ڪو تعلق نه آهي، عالم سڳورن کي اتحاد ۽ ٻڌيءَ ۽ ملڪ کي پنهنجي اصل رستي تي واپس آڻڻ جي ل??ءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالم سڳورا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس کي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نورالحق قادري ۽ عيدگاهه شريف جي سجاده نشين پير حسان حسيب الرحمان پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان قائم ڪرڻ ۾ عالم سڳورن جو تمام اهم ڪردار رهيو آهي، عالم سڳورن باباءِ قوم سان گڏجي پاڪستان قائم ڪرڻ جي ل??ءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، قائداعظم پاڪستان کي اس??امي فلاحي رياست ماڊل طور بڻائڻ چاهيندو ٿو، اڄ به پاڪستان کي رول ماڊل بڻائڻ جي ل??ءِ عالم سڳورن جو تمام اهم ڪردار آهي، دنيا جي تاريخ ۾ پاڪستان واحد ملڪ آهي جيڪو اس??ام جي نالي تي ٺهيو، علامه اقبال به پاڪستان کي هڪ اهڙو ملڪ ڏسڻ چاهيندو هو جيڪو سڄي دنيا جي ل??ءِ رول ماڊل بڻي، عظيم مسلمان اسڪالر محمد عبده پڻ سوا سئو سال اڳ اولهه کان مصر واپس آيو ته هن اتي ٻڌايو ته اولهه ۾ مسلمان ته نه هئا پر اس??ام تمام گهڻو ڏٺو جڏهن ته مصر ۾ مسلمان ته تمام گهڻا آهن پر اس??ام نه آهي، ماضي ۾ مسلمان?? جي ڪردار کي ڏسي ماڻهو اس??ام قبول ڪندا هئا پر بدقسمتي اسان ان شيءَ کان تمام گهڻو پري نڪري وياسين، پاڪستان کي اسان کي هڪ اهڙو ملڪ ٺاهڻو هو جنهن کي ڏسي دنيا متاثر ٿئي، عالم سڳورن کي ملڪ کي پنهنجي اصل رستي تي واپس آڻڻ جي ل??ءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اولهه ۾ دهشتگردي کي اس??ام سان ڳنڍي اس??امي دهشتگردي ۽ اس??امي انتهاپسندي جي اصطلاح استعمال ڪئي وڃي ٿي، افسوس ان ڳالهه جو آهي ته گذريل 20 سالن ۾ مسلمان ملڪن پاران ان تي ردعمل ڏسڻ ۾ نه آيو، گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جهڙا پليٽ فارم موجود آهن جتي مسلمان ليڊرن کي اهو ٻڌائڻ گهرجي ها ته دهشتگردي جو اس??ام سان ڪو تعلق نه آهي، دين ۽ دهشتگردي جو پاڻ ۾ ڪو تعلق نه آهي، اولهه ۾ ڪڏهن مسلمان ليڊرن پاران ا?? جي وضاحت نه ڪئي وئي.