اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي حڪومت پاران ملڪ ۾ تع??يم جي فروغ جي حوالي سان هر ممڪن قدم کڻڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته تع??يم موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، تجويز ڪيل ايجوڪيشن پاليسي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ سان گڏوگڏ سمورين صوبائي حڪومتن ۽ ڌرين جي مشاورت سان جديد دور جي گهرجن موجب تع??يم جي فروغ جي حوالي سان ٺوس روڊ ميپ جوڙيو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ملڪ ۾ تع??يم جي فروغ، تع??يمي نظام ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ هنرمندي جي تع??يم جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ تع??يم واري وفاقي وزير شفقت محمود، تع??يم واري سيڪريٽري ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان، پرڏيهي سيڪريٽري، ا??فارميشن ٽيڪنالاجي واري سيڪريٽري، ا??ن آءِ ٽي بي جي چيئرمين، نيوٽيڪ جي چيئرمين ۽ نجي شعبي جي ماهرن شرڪت ڪئي. تع??يم واري وفاقي وزير شفقت محمود اجلاس کي تع??يم واري وزارت پاران تع??يمي نظام ۾ سڌارن، ڪوورنا وبا دوران فاصلاتي تع??يم جي حوالي سان قدمن، ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ڏس ۾ پائليٽ پراجيڪٽس شروع ڪرڻ، سڄي ملڪ ۾ اس??لز فار آل منصوبن ج?? شروعات، ڊيجيٽل لٽريسي ۽ ناليج اڪانومي جي فروغ جي حوالي سان مختلف منصوبن جي اڳڀرائي تي آگاهه ڪيو.