ساه??وا?? – 29 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ساه??وا?? ۾ صحت، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ ٻين ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پ??ر رکي ڇڏيو. ڪالهه جمعي ڏينهن وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڊسٽرڪٽ هيدڪوارٽر اسپتال ساه??وا?? ۾ عالمي معيار جي ڪارڊيالاجي ۽ ڪارڊيڪ سرجري بلاڪ جي پيڙهه جو پ??ر پڻ رکيو. نئين بلاڪ جي تعمير سان ساه??وا?? جي ماڻهن کي مقامي سطح تي عالمي معيار جي علاج جي سهولت ملي سگهندي. ان کانسواءِ وزيراعظم عمران خان سالڊ ويسٽ سيگريگيشن، ٽريٽمينٽ ڊسپوزل منصوبي جو افتتاح ڪيو. ان منصوبي تحت ڪچرو گڏ ڪرڻ کانپوءِ ان کي مختلف درجن ۾ ورهائي بهتر طريقي سان تلف ڪري سگهبو، ان سان گڏوگڏ هن ساه??وا?? ۾ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ اڪيڊمي جو پڻ پيڙهه جو پ??ر رکيو. ان کانسواءِ وزيراعظم پاڪ??تن ۾ بابا فريدال??ين گنج شڪر جي دربار ويجهو قائم ڪيل لنگرخاني ”سرائي قطب“ جو پڻ افتتاح ڪيو. هن ان موقعي تي ساه??وا?? ۾ پنجاب انٽرميڊيئٽ سٽيز امپروومينٽ انويسٽمينٽ پروگرام تحت صاف پاڻي، پاڻي جي نيڪالي ۽ ماحولياتي درستگي، پارڪس جي تعمير جي لاءِ 18 ارب رپين جي ماليت جي منصوبن جو پڻ پيڙهه جو پ??ر رکيو.