اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ اعتماد جي قرارداد جي من??وري کانپوءِ ڳالهائيندي بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا وزيراعظم کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هن اڳ کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا آهن. اتحادين وزيراعظم تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي اها خوش آئنده ڳالهه آهي. اتحادي پارٽيون ڪنهن به حڪومت جي تمام وڏي طاقت هونديون آهن. هن چيو ته اسان گلا شڪوا بند ڪمري ۾ ڪنداسين پر جڏهن به جمهوريت جي ڳالهه ايندي ته توهان اتحادي پارٽين کي پاڻ سان گڏ ڏسندا، وزيراعظم کي اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته بلوچستان ۽ سنڌ جي پٺتي پيل علائقن طرف ڌيان ڏنو وڃي، چونڊ، عدالتي?? پوليس ۽ ايف بي آر سڌارا وقت جي اهم ضرورت آهن، ??زيراعظم، مخالف ڌر اڳواڻ سميت سمورين سياسي پارٽين جي سربراهن جي عزت ۽ توقير ڪئي وڃي ۽ پارليامينٽ کي قاعدن تحت هلايو وڃي ته جيئن هن اداري تي عوام جو اعتماد بحال ٿئي. هن چيو ته سينيٽ اليڪشن جي اعلان کانپوءِ جيڪو ماحول پيدا ٿيو اسان چاهيو پئي ته اهي اليڪشن صاف ۽ شفاف ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن هڪ مڪينزم ان حوالي سان اختيار ڪيو وڃي ها ته اسان کي عدالتن جو رخ نه ڪرڻو پو?? ها نه ئي اها صورتحال درپيش ٿئي ها. هن چيو ته پارليامينٽ ۽ شفافيت کي مضبو?? ڪرڻ ضروري آهي. ميثاق جمهوريت جي اها ئي گهرج هئي ته شفاف چونڊن جي حوالي سان بل پارليامينٽ مان من??ور ٿئي ها.