اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يو??يو??سٽين ۾ منشيات کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ آگاهي مهم شروع ڪرڻ ۽ ان لعنت کي وڌندڙ پکيڙ کي روڪڻ لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي شاگردن جي ضرورتن جي پيش نظر اعليٰ تعليم حا??ل ڪرڻ ۾ سهولت پيدا ڪرڻ جي لاءِ يو??يو??سٽي انفراسٽرڪچر کي معذور دوست بڻايو وڃي. هو سرڪاري ۽ نجي شعبي جي سموريون يو??يو??سٽين جي وائ??س چانسلرز جي ورچوئل اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود، منشيات جي روڪٿام واري سيڪريٽري ڪيپٽن (ر) اڪبر حسين دراني?? انساني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري انعام الله خان، اين اي ايف جي عملدارن ۽ 165 يو??يو??سٽين جي وائ??س چانسلرن به شرڪت ڪئي. يو??يو??سٽين ۾ منشيات جي استعمال جي روڪٿام ۽ خصوصي ماڻهن کي اعليٰ تعليم حا??ل ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي قدمن جو جائزو وٺڻ جي سلسلي جو اهو ٻيو اجلاس هو، اجلاس ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل خصوصي شاگردن کي انجنيئرنگ پروگرام ۾ داخلا جي اجازت ناهي ڏني، هن چيو ته ان معاملي ۾ پروفيشنل ڪائونسلز خاص طور پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي گائيڊ لائنز تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن يو??يو??سٽين ۾ منشيات جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ ان جي استعمال جي روڪٿام لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي وائ??س چانسلرز جي هڪ ڪميٽي جوڙجڪ ڏيڻ جي تجويز ڏني جيڪا منشيات جي استعمال جي خلاف مهم جي لاءِ آگاهي مواد تيار ڪندي. هن شاگردن ۾ منشيات جي استعمال کي روڪڻ جي لاءِ والدين سان ويجها رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.