اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان چيو آهي ته ڊيٽا ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال سان پاڪستان ۾ اسان پهريون ڀيرو اهڙيون شفاف چونڊون ڪرائينداسين جنهن جا نتيجا سڀني جي لاءِ قابل قبول هوندا، حڪومت جو اصل ڪم شهرين جي زندگي آسان ڪرڻ آهي. وز??را??ظم عمران خان نا??را هيدڪوارٽر جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وز??را??ظم نا??را جي نئين موبائيل رجسٽريشن وين منصوبي جو افتتاح ڪيو. دوري جي موقعي تي وز??را??ظم کي ايلين رجسٽريشن ڪارڊ، پاڪ ڪووڊ – 19 موبائيل ويڪسينيشن پاس، قومي تصديق ۽ تجديد مهم ۽ نئين نا??را رجسٽريشن سينٽرز/ نئين موبائيل رجسٽريشن وين جي قدمن جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. وز??را??ظم ان موقعي تي نا??را جي نيشنل ڊيٽا ويئر هائوس ۽ آپريشن روم ??و به دورو ڪيو. دوري دوران وز??را??ظم چيو ته ايلين رجسٽريشن ڪارڊ جاري ڪرڻ سان غير ملڪين کي ڪاروبار جي باضابطه ڌارا ۾ شامل ڪر?? سگهبو، پاڪستان ۾ رهندڙ 30 لک افغان پناهگير آهن جنهن جي لاءِ نا??را جي ڊيٽا هجڻ اهميت رکندڙ آهي. انهن قدمن سان افغان پناهگيرن سميت ٻيا غير رجسٽرڊ ماڻهو قومي ڌارا ۾ شامل ٿي سگهندا. اهي بئنڪ اڪائونٽ کولرائي سگهندا جڏهن ته ڪاروبار به ڪر?? سگهندا. وز??را??ظم چيو ته حڪومت جو اصل ڪم شهرين جي زندگي ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ آهي، ڊيٽا ۽ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪر?? پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ اسان اهڙيون چونڊون ڪرائينداسين جنهن جا نتيجا سڀني لاءِ قابل قبول هوندا. نا??را جي ڊيٽا کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن سان ڳنڍي اسان 21 هين صدي جون بهترين چونڊون ڪرائينداسين، انهن قدمن سان جعلي ووٽ ۽ ٽپي سسٽم جو خاتمو ٿيندو.