اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ ”احساس ڪير بکيو نه سمهي“ قدمن جو دائرو وڌائڻ جو اعلان ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي خاص مددگار سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ پاڪستان بيت المال جو مينيجنگ ڊائريڪٽر ملڪ ظهير عباس کوکر وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندا. ڪير بکيو نه سمهي پ??وگرام تحت 5 شهرن ۾ 12 ٽرڪن جي ذريعي مستحق ماڻهن کي ٻن ويلن جو کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃ??. اڄ وزيراعظم ملتان، گوجرانوالا ۽ لاهور لاءِ ??وراڪ جي 4 وڏين ٽرڪن جو به افتتاح ڪندو. 4 وڌيڪ ٽرڪن جي شموليت کانپوءِ ??ن منصوبي ۾ شامل ٽرڪن جو تعداد 16 ٿي وين??و، آڪٽوبر کان 29 شهرن ۾ 40 ٽرڪن جي ذريعي پ??وگرام جو دائرو وسيع ڪيو پيو وڃ??، سڄي ملڪ ۾ روزاني 40 هزار ماڻهن ۽ ساليانو 14 لک 60 هزار ماڻهن کي کاڌو فراهم ڪيو وين??و، ”احساس ڪير بکيو نه سمهي“ قدمن جي ذريعي مزدورن ۾ کاڌو مفت فراهم ڪيو ويندو آهي، هن وقت تائين پنج شهرن ۾ 8 لک 31 هزار کان وڌيڪ مزدورن کي کاڌو پهچايو ويو آهي، هن سال جي آغاز تي وزيراعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو هو ته ڪير به بکيو نه سمهن??و، احساس ڪير بکيو نه سمهي قدم وزيراعظم جي انهي عزم کي عملي جامو پارائڻ جي ڪڙي آهي، سرندي وارن ماڻهن ۽ فلاحي ادارن کي قدمن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ??حساس ڪير بکيو نه سمهي عطيا فنڊ به قائم آهي.