اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين تي زور ڏنو آهي ته اهي ملڪ ۾ معياري تعليم جي فروغ لاءِ ??ن لائين تعليم ۾ اضافو ڪن ۽ تحقيق ۽ جدت تي ڌيان ڏين، تبديل ٿيندڙ دنيا جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ??اگردن کي تيار ڪرڻ لاءِ يونيورسٽين جي ويزن جي جوڙجڪ جي ضرورت آه??. ه?? اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگويجز، اسلام آباد بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. نمل جي ڊائريڪٽر ميجر جنرل (ر) محمد جعفر ملڪ ۾ تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽين جي ڪ??دا?? بابت بريفنگ ڏن??. ه?? ٻڌايو ته يونيورسٽي جي مختلف پروگرامن ۾ 22 هزار شاگرد داخل ٿيا ۽ 77 هزار کان وڌيڪ شاگردن گريجوئيشن ڪئ??. ه?? وڌيڪ ٻڌايو ته يونيورسٽي مالي سال 21 – 2020ع دوران معذور ماڻهن سميت شاگردن کي 340 ملين رو??ين جون اسڪالرشپس فراهم ڪيون آهن، صدر ملڪ جي تعليمي ترقي ۾ يونيورسٽي جي ڪ??دا?? کي ساراهيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته 21 هين صدي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ??عليٰ تعليمي ادارن کي فڪري طور تي اعليٰ گريجوئيٽ پيدا ڪرڻ جي ضرورت آه??. ه?? يونيورسٽي مئنيجمينٽ کي چيو ته اها آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ قائم ڪري ته جيئن نوجوانن کي روزگار جي مهارت فراهم ڪري سگهجي ته جيئن اهي ملڪ جي معاشي ترقي ۾ حصو وجهي سگهن. صدر مختلف زبا??ن ۾ تحقيق ۽ ڇپائي جي شعبن ۾ نمل يونيورسٽي جي ڪارڪردگي کي پڻ ساراهيو.