اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان کي آءِ ايم ايف جي م??نيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽيلينا جارجيوا خط موڪليو آهي جنهن ۾ افغانستان مان پنهنجي اسٽاف ۽ ان جي وارثن جي واپسي جي حوالي سان مثبت ڪردار تي پاڪستان جو ٿورو ادا ڪيو ويو آهي. آءِ ايم ايف جي م??نيجنگ ڊائريڪٽر افغانستان مان واپسي جي حوالي سان پاڪستان جي اهم ڪردار تي ??راج تحسين پيش ڪندي چيو ته انتهائي مشڪل وقت ۾ افغانستان مان آءِ ايم ايف اسٽاف ۽ سندس خاندانن جي حفاظت سان واپسي تي ??ل جي گهراين سان شڪر گذار آهيان، آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرسٽيلينا جارجيوا وزي??اع??م جي نالي خط ۾ پرڏيهي وزير، ناڻي واري وزير، دفاع واري وزير ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جي ڪردار کي به ساراهيو آهي. هن چيو ته مشڪل وقت ۾ واپسي جي حوالي سان پاڪستان پاران اعليٰ سطح تي ڪيل ڪوششون اهم اهميت رکندڙ آهن، هن چيو ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ پارٽنرشپ تي ٿورائتا آهيون ۽ ان تعاون جي تسلسل جا خواهشمند آهيون، ڪرسٽيلينا جارجيوا وزي??اع??م عمران خان ۽ پاڪستاني عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو.