اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ترقي يافته ?? اسرندڙ مل??ن ۾ ڪوويڊ 19 جي ويڪسين جي ورڇ کي يقيني بڻائڻو پوندو، اسرندڙ مل??ن کي قرضن ۾ سهولت جي قدمن جي ضرورت آهي، غريب مل??ن مان امير مل??ن کي رقم جي غيرقانوني منتقلي کي روڪڻو پوندو، مني لانڊرنگ جي نتيجي ۾ غريب مل??ن ۾ غربت جي شرح ۾ اضافو ۽ غربت تي ضابطو آڻڻ جا هدف حاصل ڪرڻ مشڪل آهي، ان حوالي سان آگھاهي پيدا ڪري اسرندڙ مل??ن سان ٿيندڙ ناانصافي کي روڪيو وڃي. وزيراعظم عمران خان اهڙن خيالن جو اظهار 15 هين يونائيٽيڊ نيشنز ڪانفرنس آن ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ (يو اين سي ٽي اي ڊي) جي ورلڊ ليڊرز جي ٽئين مذاڪري کي ورچوئل خطاب دوران ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ جي مذاڪري ۾ چئن اهم مسئلن تي ڳالهه ڪندس جن مان سڀ کان بنيادي ۽ اهم مسئلو ڪوويڊ ويڪسين جي اڻبرابر ورڇ آهي. هن چيو ته اسرندڙ مل??ن جي ڀيٽ ۾ ترقي يافته ?? امير مل??ن ۾ ويڪسين لڳائڻ جي شرح ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي، ان لاءِ عالمي برادري کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته ترقي يافته ?? اسرندڙ مل??ن جي وچ ۾ ڪوويڊ ويڪسين جي اڻبرابر ورڇ کي ختم ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ڪورونا وائرس جي عالمي وبا جي ڪري لاڪ ڊائون جي نتيجي ۾ اسرندڙ ۽ غريب قومن جي معاشي ترقي بري طرح متاثر ٿي ان لاءِ ڪوويڊ 19 جي مسئلن جي مڪمل خاتمي تائين قرضن جي ادائيگي ۾ سهولت ڏني وڃي. هن چيو ته مون ان حوالي سان عالمي سطح تي هڪ مهم به هلائي ته جيئن امير مل?? اسرندڙ مل??ن جي مشڪلاتن جو احساس ڪندي انهن کي قرضن ۾ سهولت فراهم ڪن. وزيراعظم عمران خان چيو ته ٽيون اهم مسئلو موسمياتي تبديليون آهي جنهن جي ڪري پاڪستان جهڙا اسرندڙ مل?? بري طرح متاثر ٿي رهيا آهن. موسمياتي تبديلين جي ڪري گليشيئرز جي پگهڙڻ جي شرح ۾ خوفناڪ اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان سميت ڪيترن ئي مل??ن ۾ پاڻي جي لاءِ گليشيئرز تي ئي دارومدار ڪيو وڃي ٿو ۽ ان جي پگهڙڻ جي شرح ۾ اضافي سان پاڻي وسيلن جا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. وزيراعظم عمران خان چيو ته امير مل?? ڪلائميٽ فنانس جي شرح اضافو ڪن ته جيئن موسمياتي تبديلين جي مسئلن تي ضابطو آڻي سگهجي. هن چيو ته عالمي برادري کي گهرجي ته انهن مل??ن ??ي خصوصي مدد ڪري جتي ڪاربن جو خارج گهٽ هجي. وزيراعظم عمران خان يو اين سي ٽي اي ڊي جي مذاڪري ۾ شامل عالمي اڳواڻن کي چيو ته منهنجي موجب چوٿون اهم مسئلو غريب مل??ن مان امير مل??ن کي رقم جي غيرقانوني منتقلي آهي جنهن کي روڪڻ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته اسرندڙ ۽ غريب مل??ن مان حڪمران اشرافيه اٽڪل 7 کرب ڊالر ڦري امير مل??ن ۾ منتقل ڪيا آهن ۽ هر سال اٽڪل هڪ کرب ڊالر منتقل ڪيا پيا وڃن جيڪي اسرندڙ مل??ن جي بدعنوان اشرافيه ڪري ٿي. هن چيو ته ان سان هڪ تباهي آڻيندڙ صورتحال جنم وٺي رهي آهي ۽ غريب مل??ن مان امير مل??ن کي رقم جي غيرقانوني منتقلي جو بحران سخت ٿيندو پيو وڃي جيڪو ايندڙ سالن دوران وڌيڪ وڌڻ جو خدشو آهي. هن چيو ته اسان کي مني لانڊرنگ کي روڪڻو پوندو. وزيراعظم عمران خان افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ان حوالي سان امير مل??ن کي جيڪي قدم کڻڻ گهرجن ها بدقسمتي سان نه پيا کنيا وڃن جنهن جي نتيجي ۾ اسرندڙ مل??ن جي غريب عوام پيڙهجي رهي آهي. هن چيو ته جڏهن به ڪنهن مل?? مان پئسو ٻاهرئين مل?? منتقل ڪيو وڃي ٿو ته ان سان مقامي ڪرنسي جو قدر گهٽ ٿئي ٿو ۽ ناڻي واڌ جي ڪري غربت جي شرح وڌڻ جي نتيجي ۾ ماڻهو بک سان مري وڃن ٿا. وزيراعظم عمران خان چيو ته جيڪڏهن مني لانڊرنگ جو تسلسل جاري رهيو ته دنيا جا ڪجهه امير مل?? پوري دنيا جي دولت پاڻ وٽ گڏ ڪري وٺندا. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته ان ناانصافي کي روڪيو وڃي ڇو ته ان سان امير ۽ غريب مل??ن ۾ خا?? وڌي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته مني لانڊرنگ جي تدارڪ جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪري اسرندڙ ۽ غريب مل??ن سان ٿيندڙ ناانصافي کي روڪيو وڃي.