اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمب??ي جي ا??پي??ر اسد قيصر چيو آهي ته خيبرپختونخوا صوبي جي قبائلي علائقن ۾ بدامني جي ڪري معاشي سرگرميون تمام گهڻيون متاثر ٿيون آهن، اسان اتي معمول جون معاشي سرگرميون بحال ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. افغانستان ۾ امن سان وچ ايشيا تائين نوان رستا کلندا جنهن سان خطي ۾ ترقي جو نئون دور ايندو.
پارليامينٽ هائوس ۾ قبائلي ضلعن (اڳوڻي فاٽا) جي ترقي لاءِ قائم خصوصي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن جي صدارت قومي اسيمب??ي جي ا??پي??ر ڪئي. اجلاس ۾ اڳوڻي فاٽا سان تعلق رکندڙ قومي اسيمب??ي جي چونڊيل ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ خيبرپختونخوا صوبي ۾ معاشي سرگرمين جي بحالي ۽ اتي ترقياتي منصوبن ۽ مسئلن جي حل لاءِ تفصي??ي جائزو ورتو ويو. اجلاس کانپوءِ ا??پي??ر ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته خيبرپختونخوا صوبي جي ترقي جو معاملو ڪنه?? حڪومت ۽ مخالف ڌر جو معاملو نه آهي اسان سڀني کي گڏجي ا?? جو حل ڪڍڻو آهي،
هن چيو ته ماضي ۾ فاٽا ۾ بدامني جي ڪري اتان جي معيشت بري طرح متاثر ٿي، اسان کي ا?? معيشت کي بحال ڪرڻو آهي، ان ڏس ۾ اسان کي ا??غانستان جي صورتحال کي به ڏسڻو آهي، ان لاءِ انهن مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ ضروري آهي، ان سلسلي ۾ حڪومت، مخالف ڌر ۽ پارٽي وابستگين کان مٿانهون ٿي ڪري سوچڻ جي ضرورت آهي، ا??پي??ر چيو ته اسان کي ا?? علائقي کي گڏجي ترقي ڏيڻي آهي ۽ گڏيل طور تي اڳتي و??ڻو آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ نئي?? حڪومت قائم ٿي آهي اسان خطي ۾ استحڪام چاهيون ٿا.
افغانستان ۾ امن کانپوءِ وچ ايشيا تائين رستا کلندا جنهن سان خطي ۾ ترقي ۽ خوشحا??ي جو نئون دور ايندو. ا??پي??ر چيو ته فاٽا جي حوالي سان اسان 45 ڏينهن ۾ پنهنجون سفارشون مڪمل ڪنداسين، اهو ئي سبب آهي ته اسان 3 گروپ جوڙيا آهن ۽ جلد ئي ا?? حوالي سان وڏي ڪنوينشن جو انعقاد به ڪنداسين، هاڻي جيڪڏهن اسان اهو مسئلو نه ڪيو ته مستقبل ۾ ان جا سٺا اثر نه پوندا.