اسلام ??باد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اڱار?? جي صبح اسلام ??باد پهچي ويو آهي. هو سعودي ولي عهد شهزاد محمد بن سلمان جي دعوت تي ٽن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب ويو هو. دور?? جي پڄاڻي تي هو رياض ۾ سعودي عرب جي نائب پرڏيهي وزير عادل بن احمد ال جبير وزيراعظم کي الوداع ڪيو. دوري تي وزيراعظم سان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، توانائي وارو وزير حماد اظهر، ناڻي وارو وزير شوڪت ترين، و??يراعظم جو خاص مددگار ملڪ امين اسلم به گڏ هئا، و??يراعظم مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽيو سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ اجلاس کي خطاب به ڪيو. هن سعودي ولي عهد شهزاد محمد بن سلمان سان ملاقات به ڪئي، دور?? جي موقعي تي وزيراعظم سعودي عرب پاڪستان انويسٽمينٽ فورم کي به خطاب ڪيو. وزيراعظم وفد جي سان گڏ روضه رسول ﷺ تي حاضري ڏني ۽ مسجد نبوي ۾ نوافل ادا ڪيا، هن عمر?? جي سعادت به حاصل ڪئي ۽ پاڪستان جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا به ڪئي.