اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??وڌري فواد حسين سان پاڪستان تحريڪ انصاف ڊينمارڪ ??ي صدر چوڌري عمران محبوب ملاقات ڪئي ۽ موجوده ملڪي ۽ سياسي صورتحال ۽ اهم پارٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي قومي معاملن ۾ دلچسپي ۽ ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف نظام جي حوال?? سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته ملڪي معاشي تر??ي ۾ اوورسيز پاڪستانين جو اهم ڪردار آهي، اڄ اسان جا سفارتخانا اوورسيز پاڪستانين جي سهولت لاءِ انهن سان گڏ بيٺل آهن. هن چيو ته اسان سدائين اوورسيز پاڪستانين جي مسئلن جي حل تي زور ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پي ٽي آءِ ڊينمارڪ ??ي صدر چوڌري عمران محبوب چيو ته آمريڪا ۽ يورپ سميت اوورسيز پاڪستانين ۾ وزيراعظم عمران خان مقبول تر??ن شخصيت آهي، ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪي تر??ي جي لاءِ پراميد آهن.