اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ماضي جي ??ڪمرانن کي اوورسيز پاڪستانين جي مٽاسٽا جي ناڻي سان ته پيار هو پر هو ??نهن کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي ??لاف هئا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي آءِ برطانيه جي ??در عبدالستار رانا ۽ سينئر نائب صدر ملڪ عمران خليل ملاقات دوران ڪيو جنهن مملڪتي وزير سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران اوورسيز پاڪستانين جي مسئلن جي ??ل?? ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستاني مشنز جي ڪردار ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پي ٽي آءِ برطانيه جي ??هديدارن ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ تي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس ٽيم جو ٿورو ادا ڪيو، مملڪتي وزير چيو ته ماضي ۾ سمورين حڪومتن کي اوورسيز پاڪستانين جي مٽاسٽا جي ناڻي سان ته پيار هو پر هو کين ووٽ جو حق ڏيڻ جي ??لاف هئا،. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان 90 لک اوورسيز پاڪستانين سان اليڪشن کان اڳ جيڪو واعدو ڪيو هو ??هو پورو ڪري ڏيکاريو. فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان برطانيه سميت سڄي دنيا ۾ قائم پاڪستاني مشنز کي واضح هدايتون ڏئي رکيون آهن ته پاڪستانين جي مسئلن کي فوري حل ۽ هر ممڪن سهولت فراهم ڪن. عبدالستار رانا چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين لاءِ روشن ڊجيٽل اڪائونٽ، پنهنجو گهر اسڪيم جهڙا پروگرام جاري ڪرڻ تي پي ٽي آءِ حڪومت جا ٿورائتا آهيون. ملڪ عمران خليل چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني عمران خان کي ووٽ ڏيندا، پي ٽي آءِ برطانيه جي قيادت اوورسيز پاڪستانين جي لاءِ پاور آف اٽارني جاري ڪرڻ جي لاءِ آٽوميشن نظام متعارف ڪرائڻ تي وزيراعظم عمران خان جو ٿورو ادا ڪيو. هن چيو ته پاور آف اٽارني جي ??ن لائين تصديق ۽ جاري ڪرڻ سان هزارين سمنڊ پار پاڪستانين جو فائدو ٿيندو. پراڻي ڪرپٽ نظام مان فائدو کڻندڙ ملڪ ۾ تبديلي نه چاهيندا هئا.