ملتان – 10 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آه?? ته پاڪستان هڪ ذميدار ملڪ آه?? ان کي خطي ۾ پنه??جي ذميداري جو ڀرپور احساس آه?? ۽ هتي رهندڙن جي اڪثريت اعتدال پسند آه??، سيالڪوٽ سانحي جي مذمت ڪريون ٿا، عالم ۽ سمورن مڪتب فڪر سان ت??لق رکندڙ طبقا به ان واقعي جي نه رڳو مذمت ڪن پر لاتعلقي جو اظهار ڪن، هڪ طبقو پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوششن ۾ لڳل رهندو آه??، اهو پنه??جي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندو، آستانن مان سدائين محبت، رواداري، اخوت ۽ امن جو درس مليو آه??، عرس ۾ شرڪت ڪندڙ زائرين کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ننڍي کنڊ جي عظيم روحاني پيشوا حضرت شاهه رڪن عالم سهروردي ملتاني جي 708 هين سالياني عرس جي تقريب جي موقعي تي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته آئون عرس ۾ شرڪت ڪندڙ زائرين کي خوش آمديد چوان ٿو ۽ انهن جي اوليا الله سان عقيدت کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، هن چيو ته ان پُروقار محفل ۾ سانحي سيالڪوٽ تي پنهنجو ۽ حڪومت پاڪستان جو موقف واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته اسان ان جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي قرار واقعي سزا ملندي، اسان جو عدل جو نظام انهن ماڻهن کي سخت سزا ڏيندو.هن چيو ته ڪو به واقعو پاڪستان ۾ ٿيندو آه?? ته هڪ مخصوص طبقو پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آه?? ۽ هو دنيا جي سامهون ابتڙ واقعا پيش ڪندو آه?? اسان کي انهن کان محتاط رهڻو پوندو ۽ اهو پنه??جي ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندو. هن چيو ته مون برسلز ۾ پاڪستان جو موقف واضح ڪندي چيو ته اهڙا واقعن جو نه ته اسلام ۽ نه ئي پاڪستان جو آئين ۽ قانون اجازت ڏي ٿو، هن چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙن جي اڪثريت اعتدال پسند آه?? ۽ سمورا مڪتب فڪر جي علماءِ مشائخ ۽ عام شهرين سيالڪوٽ واقعي جي ڀرپور مذمت ڪئي ڇو ته ڪو به معاشرو ۽ مذهب اهڙن واقعن جي اجازت نٿو ڏي.