اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) او آء?? سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي انتظامن جو حتمي جائزو وٺڻ لاءِ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس پرڏيهي وزارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، پرڏيهي وزارت جي ترجمان عاصم ??فت??ار ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪ??ي. ??ي آء?? او سهيل علي خان، ايڪسٽرنل پبلسٽي جي ڊائريڪٽر جنرل عنبيرن جان، اي پي پي جي ايم ڊي مبشر حسن سميت، اطلاعات واري وزارت جا سينئر آفيسر به اجلاس ۾ موجود هئا. پرڏيهي وزير کي او اءِ سي جي پرڏيهي وزير ڪائنسل جي غير معمولي اجلاس جي انتظاميه جي مختلف رخن جي حوالي سان مفصل بريفنگ ڏني و??ي. ??رڏيهي وزير انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي انه?? کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ خصوصي هدايتون ڏنيون. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان 41 سالن کانپوءِ او آء?? سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي افغانستان بابت غير معمولي اجلاس جي ميزباني ڪرڻي وڃي رهيو آهي، هن چيو ته ان اجلاس جي ذريعي افغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحرا?? کي منهن ڏيڻ ۽ افغانستان جي امن ۽ استحڪام جي حوالي سان مفتقه لائحه عمل طئي ڪرڻ لاءِ غور جو هڪ سنهري موقعو ميسر ايندو.