ملتان – 24 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نو??ز شريف چيو آهي ته سڄو پاڪستان ترقي جي ثمرن مان فائدو کڻي رهيو آهي، جن ماڻهن کي ترقي جي ڄاڻ نه آهي اهي پاڪستان جي ترقي جو رستو روڪڻ چاهين ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملتان ميٽرو بس ??نصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پنجاب جو ??ورنر رفيق رجوانه، پنجاب جو وڏو وزير شهب??ز شريف، وفاقي ۽ صوبائي وزير ۽ سينئر سياستدان به موجود هئا، واضح رهي ته راولپنڊي اسلام آباد ۽ لاهور کانپوءِ هاڻي ملتان ٽيون شهر آهي جنهن ۾ 28 ارب روپين جي لاڳت س??ن 18 ڪلوميٽر ڊگهي ميٽرو بس ??نصوبي جي پڄاڻي ٿي آهي.