نيويارڪ ?? 26 ??? سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسرائيل جي وڌندڙ جارحيت جي م??مت ڪندي چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي لاءِ ??وري جنگبندي ۽ ٻه رياستي حل کانسواءِ ڪو چارو نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل ??سيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته غزه ۾ تاريخ جو بدترين ظلم جاري آهي، اسرائيل جو بيروت تي فضائي حملو جنهن ۾ حزب الله جو هڪ سيني??ر ڪماندڙ شهيد ٿي ويو، اهو دنيا جي لاءِ تباهي آڻيندڙ هو، اسان اسرائيلي قدم جي م??۾ت ڪريون ٿا ۽ عالمي سطح تي به اسرائيلي ظلمن جي م??مت ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسرائيل جو بيروت تي حملو پرامن دنيا جي لاءِ تباهي ثابت ٿيندو، وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي لاءِ ??وري جنگبندي ۽ ٻه رياستي حل کانسواءِ ڪو چارو نه آهي ۽ اسان فوري جنگبندي چاهيون ٿا.