اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪو به ماڻهو آئيني حدون ٽپندو آهي يا ق??نو?? جي حدن کان ٻاهر ويندو آهي ته ان شخص جي حوالي سان ق??نو?? حرڪت ۾ ايندو آهي، آئين ۽ ق??نو?? جي دائري ۾ ره??دي حڪومت خاص عدالت جي جج جي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ وڃي رهي آهي، وفاقي حڪومت ادارن کي پنهنجي آئيني ۽ ق??نو??ي دائري ۾ ره??دي ڪم ڪرڻ جي لاءِ سهولتڪاري فراهم ڪ??دي رهندي?? پاڪستان ڪنهن قسم جي افراتفري، قياس آرائي، مبالغه آرائي يا عالمي سطح تي ڪنهن منفي تاثر جي سٽ سهي نٿو سگهي?? پاڪستان جي سرحدي صورتحال ۽ اندروني بحران جي صورتحال هڪ ئي خاڪي جو حصو آهي. هو اي پي پي هيڊڪوارٽر ۾ مسيحي ملازمن طرفان ڪرسمس ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائي رهي هئي.