اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڀارتي حڪ??مت جا ڪڌا ڪرتوت دنيا آڏو بي نقاب ٿي رهيا آهن، ڀارتي فوج والاريل ڪشمير کي فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميري پنهنجي آزادي جو سج ??ڀر??دي ڏسندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز ۽ نظريه پاڪستان ڪائونسل جي اهتمام هيٺ ايوان قائد ايف نائن پارڪ ۾ ڪشميرين سا?? يڪجهتي جي اظهار جي مناسبت سا?? تصويري نمائش جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو.