اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس جي مريضن جي لاءِ بيڊز ۽ آڪسيجن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته علائقائي ۽ عا??مي تجربي کي سامهون رکندي اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته ڪورونا جي روڪٿام جي حوالي سان اختيار ??يل حڪمت عملي جا بهتر نتيجا سامهون آيا آهن، سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مقامي اڳواڻن ۽ ڪميونٽي جي شموليت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ٽائيگر فورس جون خدمتون به حاصل ڪيون وڃن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ملڪ ۾ ڪورونا جي ص??رت??ال ۽ وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان اختيار ??يل حڪمت عملي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪورونا جي ص??رت??ال، سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ آڪسيجن بيڊز جي انگ ۾ اضافي جي ص??رت??ال، آڪسيجن جي طلب ۽ سپلاءِ، ملڪ جي وڏن شهرن جي متاثر علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ ۽ عيدالاضحيٰ جي حوالي سان تيار ??يل ايس او پيز بابت معاملن تي تفصيلي غور ڪيو ويو. وزيراعظم کي چئني صوبن، آزاد ??من ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي اسپتالن ۾ ڪوويڊ جي لاءِ مخصوص بيڊز جي انگ ۾ اضافي جي لاءِ ??يل ڪوششن ۽ هيستائين جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي.