اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قوم کي آزادي جي 73 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي ??يو آهي ته قائداعظم جي پاڪستان جي طرف اسان جو سفر شروع ٿي چڪو آهي، هي اهڙو پاڪستان هوندو جتي سمورا شهري قانون جي نظر ۾ برابر هوندا، قانوني سڀ??ي جي لاءِ هوندو ۽ پاڪستان هڪ اسلامي فلاحي رياست بڻجندو. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم عمران خان ??يو ته قوم کي ان ڳالهه تي به مبارڪباد ڏيان ٿو ته ماضي جي حڪومتن کان توانائي جو شعبو جيڪو اسان کي تباهه ٿيل مليو ان ۾ بهتري آڻي ره??ا آهيون، هن ٻڌايو ته ڊگهين ڳالهين کانپوءِ اسان آءِ پي پيز سان هڪ نئون معاهدو ڪيو آهي جنهن سان بجلي جي قيمت به گهٽ ٿيندي ۽ گردشي قرضن جو مسئلو به حل ٿيندو، هن ??يو ته اسان جو ايندڙ هدف بجلي جي ورڇ جي نظام ۾ سڌارا آڻڻ آهي، وزيراعظم ڪشمير ۾ ڀينرن، ڀائرن جي نالي پيغام ۾ ??يو ته پوري پاڪستاني قوم خودمختياري واري حق جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهي، ڀارت جي غير قانوني قبضي ۽ ظالماڻي قدمن جي خلاف اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي هر طرح سان حمايت جاري رکنداسين.