اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بئنڪن طرفان تعميرات جي شعبي ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته تعميرات جو شعبو معيشت جي فروغ جو ضا??ن آهي، تعميرات جي شعبي جي فر??غ سان بئنڪن جي لاءِ منافع بخش ڪاروبار جا بي شمار موقعا ميسر ايندا، گهرن جي تعمير جي حوالي سان درخواستو?? کي آسان ۽ ممڪن بڻايو وڃي، گهٽ ۽ وچولي آمدني وارا ماڻهو ان سهولت م??ن وڌ کان وڌ لاڀ پرائي سگهن ٿا. وزيراعظم آفيس مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ نيشنل ڪوآرڊينيشن هائوسنگ ڪميٽي، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ جي هفتيوار اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.