اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مستحق ماڻهن کي کاڌو فراهم ڪرڻ جي تجويز کي ساراهيندي چيو آهي ته ا??ڙن علائقن جي نشاندهي کي ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻايو وڃي جتي ماڻهو معاشي مشڪلاتن جو شڪار ٿي ٻه وقت جي ماني کان محروم آهن، ٺوس منصوبابندي سان اهڙو نظام آندو وڃي جنهن سان مستحقين تائين پهچ سڌوسنئون ۽ آسان ٿئي، احساس ”ڪير بکيو نه سمهي“ پروگرام ڪاميابي کانپوءِ نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا ۾ پنهنجو مثال پاڻ هوندو. هن ا??ڙن خيالن جو اظهار احساس ”ڪير بکيو نه سمهي“ قدمن تي بريفنگ جي سلسلي ۾ اجلاس جي صدارت ڪن??ي ڪيو.