اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وڻڪاري کي پاڪستان جي بهتر ??ست??بل ل??ءِ اڻٽر قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت ملڪ کي سرسبز ۽ شاداب بڻائڻ ل??ءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، ڇاڪاڻ جو ماحولياتي تبديلي پاڪستان ل??ءِ وڏو خطرو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن شڪر پڙيان اسلام آباد ۾ جاپاني طرز تي وڻڪاري جي منصوبي جو افتتاح ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته وڻڪاري رڳو هڪ مشغلو نه آهي پر اهو پاڪستان جي ايندڙ نسلن کي بهتر ??ست??بل ۽ صاف سٿرو ۽ صحتمند ماحول فراهم ڪرڻ ل??ءِ اڻٽر قدم آهي. مياواڪي جاپاني طرز وڻڪاري آهي، جنهن تحت روايتي طريقن بدران 10 ڀيرا وڌيڪ تيزي سان ۽ 30 ڀيرا وڌيڪ گهاٽا ٻيلا پو??ي سگهجن ٿا، 10 ارب وڻ پو??ڻ جي منصوبي تحت اسلام آباد ۾ اهڙي طرح جي 10 جاين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جتي جاپاني طرز تي وڻڪاري ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين سبب متاثر ٿيندڙ 10 وڏن ملڪن ۾ شامل آهي، اسان کي ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ل??ءِ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته لاهور ۽ پشاور جهڙا ميٽرو پوليٽن شهر ڪڏهن باغيچن جا شهر سڏرائيندا هئا پر آبادين ۽ آلودگي وڌڻ جي ڪري اهي شهر ساوڪ کان محروم ٿي ويا. هن چيو ته هوا ۾ آلودگي جي ڪري ٻار ۽ وڏا وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن ۽ سراسري عمر 11 سالن تائين گهٽ ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته اها صورتحال ان ل??ءِ پيدا ٿي ته لاهور جهڙي شهر ۾ وڻ وڍي شهر کي پٿرن جو جهنگ بڻايو ويو، ان صورتحال کي وڻڪاري ذريعي ئي تبديل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته اسان کي ماحول دوست زندگي اختيار ڪرڻي پوندي، وڻڪاري ۽ ماڻهن جا ذهن تبديل ڪري اسان پنهنجي معاشري کي بهتر بڻائي سگهون ٿا، هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت هڪ ارب وڻ پو??ڻ جو منصوبو ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ۽ هاڻي اسان سڄي ملڪ ۾ 10 ارب وڻ پو??ڻ جو به هدف حاصل ڪنداسين. وزيراعظم موسمياتي تبديلي واري صلاحڪار ملڪ امين ا??لم ۽ سندس ٽيم جي ڪم کي ساراهيو ۽ چيو ته اهي ملڪ ۾ وڻڪاري جي منصوبن کي ڪامياب بڻائڻ ل??ءِ وڏي محنت ڪري رهيا آهن.